شاهد احمد دهلوي

شاهد احمد دهلوي

شاهد احمد دهلوي

شاهد احمد دهلوي: اردو جي نامور اديب ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻو شاهد احمد دهلوي 22 مئي 1906ع تي دهليءَ جي علمي، ادبي گهراڻي ۾ مولوي بشير الدين احمد جي گهر ۾ جنم ورتو. دهليءَ جو مشهور عالم ۽ اديب ڊپٽي نذير احمد سندس ڏاڏو هو. هن دهلي جي مختلف اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي ۽ خانداني اثر هيٺ ادب طرف متوجهه ٿيو. هن ادب جي دنيا ۾ پيرپائڻ بعد 1930ع ۾ سلسليوار ساقي مئگزين اردو ۾ جاري ٿيو. هو 1936ع ۾ ادب جي ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ دهليءَ شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. پاڪستان جي قيام بعد ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو، جتي ٻيهر ‘ساقي’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو سڄي زندگي جاري رکيو آيو. شاهد احمد اردو جي بهترين نثر نگارن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. سندس خاڪن جا ڪتاب ’گنجينه گوهر‘ ۽ ’بزم خوش نفسان‘ اهم آهن. انهن کان علاوه ’دلي ڪي بپتا اور اجڙا ديار‘ دهلي جي حالتن تي لکيو ۽ انگريزي جي ڪيترن ئي ڪتابن جو اردو ۾ ترجمو ڪيائين. شاهد احمد موسيقي ۾ گهڻي دلچسپي رکندو هو ۽ کيس موسيقي جي گهڻي ڄاڻ هئي. ڪجهه عرصو ريڊيو پاڪستان ڪراچي سان لاڳاپيل رهيو ۽ ايس احمد جي نالي سان ڪيترائي موسيقيءَ جا پروگرام پڻ ڪيائين. پاڪستان حڪومت پاران کيس مڃتا طور تمغه حسن ڪارڪردگي ڏنو ويو. هن 27 مئي 1967ع تي وفات ڪئي، کيس گلشن اقبال ڪراچي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


لفظ شاهد احمد دهلويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.05.22  عيسوي

اردو جي نامور اديب ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻو شاهد احمد دهلوي 22 مئي 1906ع تي دهليءَ جي علمي، ادبي گهراڻي ۾ مولوي بشير الدين احمد جي گهر ۾ جنم ورتو.


1967.05.27  عيسوي

شاهد احمد دهلوي 27 مئي 1967ع تي وفات ڪئي، کيس گلشن اقبال ڪراچي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
چرنداس سهاڻي
داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر
سيد محسن علي شاهه بخاري
رضا علي عابدي
ناصر بلوچ
خانائي حامد علي قريشي
شهيد سومرو
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
ڌڻي بخش مگسي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون